مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـحـمـد ﷺ مـٺـي جـي جڏهن ٿي ولادت

مـحـمـد ﷺ مـٺـي جـي جڏهن ٿي ولادت
ٿـي سـنـسـار سـارو ويـو نگـھـت نگـھـت

وٺـي نـام جـيڪـو مـحـمـدﷺ مـٺـي جـو
انـهـئَ جـو خـدا ۽ انـهـي لاء جـنـت

سـدا بـا وضـو ٿـي پـڙهـي جـو درود
نـصـيـبـن ۾ احـمدﷺ جي انجي زيارت

مـٺو نـام مـاکـي ۽ خـرمـان کـان مـٺـڙو
مـحمدﷺ مٺي جي لکان ڇا مان سيرت

مـقـام مـحـمـدﷺ ٿـي حـد لامـڪان جي
ڏنـو رتـبو ڪـيڏو مـحـمدﷺ کي قدرت

بـشـر جـو هـو جـامـو ۽ صـورت مـنـور
خـدا ريءَ نـه انجي ڪو ڄـاڻي حـقـيقت

ڪـري ورد صـلـوات اڪـرم ٿـو هـر دم
خـدا کـي پـيـاري اهـا ٿـي عــبـادت