مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

عـطـائـي مـحـمـد ﷺ عـطـائـي خـدا آ

عـطـائـي مـحـمـد ﷺ عـطـائـي خـدا آ
رضــائـي مـحـمـد ﷺ رضــائـي خــدا آ

ڏسـو، شـان قـرآن ۾ مـصطـفىﷺ جـو
بـقـائـي مـحـمـد ﷺ بـقـائـي خـدا آ

ڏسـو، سـبـز گنبذ ستارن جي جھر مر
ضـيـائـي مـحـمـد ﷺ ضـيـائـي خـدا آ

درودن جــا تـحـفا، دروردن جـي مـالـها
ثـنـائـي مـحـمـد ﷺ ثـنـائـي خـدا آ

خـدا سـاڻ شامل ته ذڪر نبي ﷺ ڪر
ثـنـائـي مـحـمـد ﷺ ثـنـائـي خـدا آ

اشـاري سـان جنـهن جي ٿيو چنڊ ٽڪرا
ادائــي مـحـمـد ﷺ ادائـي خـدا آ

زمـيـن آسـمـانـن ۾ چـرچــو اهــوئــي
سـخـائـي مـحـمـد ﷺ سـخـائـي خـدا آ

اها عشق جي حد ٿي اڪرم وئي بس
فدائي مـحمـد ﷺ فـدائـي خــدا آ