مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

الائـي ڇــو مـدنـيءَ آهــي ديــر لاتــي

الائـي ڇــو مـدنـيءَ آهــي ديــر لاتــي
وڇـوڙي ۾ مـرسـل ڏري ڪـيـئن نه ڇاتي

مـديـني ڏي مـاڻهون وڃن پيا ڏسـان پيو
ائين ڏسندي ڏسندي ٿي گذري حياتي

مـديـني وڃـڻ جـي شـايـد نـاهـيان لائـق
نـالائـق جـي لائـق ڪـندو پـاڻ حـياتـي

ٿـيا سـال سـڪندي ۽ واٽن ڏي ڏسندي
نـه اوٺـي ڪـو آيـو نـه آيـو کـنـياتـي

مـحمـدﷺ مـحمـدﷺ زبـان دل پـڪـاري
لـڳـل تـات دل کـي اهـا ڏيـنـهـن راتـي

زيـارت ڪـرايـو ڪـا روضـي جـي شـاهــا
گـھـرايـو مـديـني ڏسـان پـائـي جـھـاتـي

ڀـلا ڀـاڳ اڪـرم جــا آهــن اول کــان
مـحمـد ﷺ سـان دلــڙي انهـيءَ آهـه لاتي