مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

آمـنـه جـا لاڏلا، يـا مـصـطـفـى يـا مـصـطـفـى ﷺ

آمـنـه جـا لاڏلا، يـا مـصـطـفـى يـا مـصـطـفـى ﷺ
دور ڪــر رنـج و بــلا يــا مـصـطـفـى يا مصطفى ﷺ

اڄ اســان ۾ آهي نـالـي جـي مـسـلـمـانـي رهــي
پـسـت ٿـي ويـا حوصلا، يا مصطفى يا مصطفى ﷺ

ڪر عطا توفيق مونکي، دين جي خدمت ڪريان
ٻڌ هيءَ منهنجي التجا، يا مصطفى يا مصطفى ﷺ

دوسـت اقـرب ديـن تنهنـجي تي رهن دائم مدام
ٿـو گھران دل سان دعا، يا مصطفى يا مصطفى ﷺ

تنهنـجي دروازي تـان خـالي ڪو سوالي ناهه ويو
مونتي ڪرپنهنجي عطا، يامصطفى يامصطفى ﷺ

عشـق پنهنجـي سان ڪيو، سردار روشن دل ضمير
يـانـبـي نـورالـهـدى يـا مـصـطـفـى يا مصطفى ﷺ

آس دل ۾ آھ تـا، روضـو ڏســان تـنـهـنـجـو اچــي
پـوري ٿـئي سـا مـدعـا، يا مصطفى يا مصطفى ﷺ

تنهنجي روضي پاڪ جـي ڄـاري ڏسـي هـر هر چمـان
اي خـدا جـا دادلا، يـا مـصـطـفـى يـا مـصـطـفـى ﷺ

حـشـر ۾ ڳـڻـتـي نـه انـکـي، جـو پـڙهي توتي درود
ٿـو پـڙهـان صـل عـلى، يـا مـصطفى يا مصطفى ﷺ

بـاعـث ڪـون مـڪـان تـون شـافـع هـر دوجـھـان
يـا نـبـي صـاحـب شـفا، يا مصطفى يا مصطفى ﷺ

سنڌ مان سـيد سـڏي اڪـرم مٿان تون ڪر عطا
اي حـبيـب ڪبريا، يـا مـصـطـفـى يـا مصطفى ﷺ