مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

جـھـان ۾ پـيـر پـاتو اڄ، مـٺي مـنـٺار بـسـم الله

جـھـان ۾ پـيـر پـاتو اڄ، مـٺي مـنـٺار بـسـم الله
سـخـي سـرور صـفـا سـهڻو، سـچـو سـردار بـسـم الله

سـکيا سـاڻـيه ٿـيـا ڪــي ئـي ، سـخــاوت جــو ڌڻـي آيـو
ويـون مـوجـون ٿـي مـلـڪـن ۾، آيـو غـمـٽار بـسم الله

مـٺي مـرسـل جـي روضـي کـان، رمـي آيـا ڪـيئي بادل
مـحـابـي شـهـه مـحمـدﷺجـي ٿـيا وسـڪـار بـسـم الله

وسـڻ جـا ويـس آگـم اڄ ڪـري آيـو رنـگـارنـگـي
پـيون بـونـدون هـي رحـمـت جـون ٿـيا گلزار بسم الله

مـٺي مـرسـل جـي آمـد سـان، وڌي رونـق بـهـارن جـي
چـمـن ٻـهـڪـي پـيا هـرسـو ڪـيا جـنـسـار بـسـم الله

ٿـين يـوم ولادت جـون، پـيون ارض وسـمـا خـوشيون
مـلائـڪ انـس ۽ حـورون، پـڙهـن صـد بـار بـسـم الله

سـڀـئي سـنسـار ٿـيا سـرهـا مـحمـدﷺ مـير جي آئي
سـڄـي عـالـم جـو ٿـي آيـو، سـڄـڻ سـينگـار بـسم الله

تـمـنا هـئي تـه مـدت کـان مـحمـدﷺ جـي زيارت جـي
لـهـي گـونـدر ويــا دل جــا ڏســي هـڪــوار بـسـم الله

گــناهـن ۾ حـياتـي وئـي ثـوابـن لـئه رڳـو سـنـبري
هـٿين خالي ته اڪرم جي تون لهندين سار بسم الله