مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

نــانءُ احـمـدﷺ جــو وٺــي دل ٺــار جــي

نــانءُ احـمـدﷺ جــو وٺــي دل ٺــار جــي
زنـدگـي اهـڙي طـرح ســان گــھــار جـي

پــاڪ روضــي کــي ڏســي بــي ســاخــته
چــشـم تـر ٿــي نــير نــيـڻـؤن هــار جــي

سـبـز گـنبذ کـي ڏسـي هـيـنـئـڙو ٺــري
اک بــه اهــڙي دل بــه اهــڙي ڌار جــي

سـڀ ڪـي هوندي خير سان دل ٿي گھري
مـصـطـفـى ﷺ جـي در وڃـي پـل گـھـار جـي

اي خــدا، دل ۽ زبــان ڪــر ســي عــطــا
روز جـن سـان مـصـطـفـىﷺکـي ســارجـي

مـوج ڪُــن دريـاھ ۾ ڦــاســي پـيـس
ڪــر مــدد مــدنـي تـه ٻــيـڙو ٽــار جــي

آس اڪــرم کــي اهــا يــا مـصـطـفـىﷺ
نــانءُ تـنـهـنـجـي تـان حــياتـي وار جـي