مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

اي نـبـيﷺنـورِ نـظـرمـنـهـنـجـي رکـو دنـيـا ۾ لـڄ

اي نـبـيﷺنـورِ نـظـرمـنـهـنـجـي رکـو دنـيـا ۾ لـڄ
سـيد الـخـيرالـبشـر مـنهنـجـي رکـو دنـيا ۾ لـڄ

مـون سـتـم ڏاڍا سـٺـا مـون غـم بـه هـت ڏاڍا ڏٺـا
آهـيـان عـاصـي مـگـر مـنـهـنـجـي رکـو دنـيـا ۾ لـڄ

در سـندءِ تان ڪو سـوالـي نـاھه خـالـي ٿـي وريـو
تنهنـجـو اهـڙو آهي در مـنـهـنـجـي رکـو دنيا ۾ لڄ

ذات تنـهنـجـي آهـي اعلى نام تنهنجو ٿيو ڪريم
ڪر ڪـرم تـون سربسر منهنجي رکو دنـيا ۾ لـڄ

دل مـنور ڪـر تون منهنجـي نور پنهنجـي سان نبيﷺ
اي خـدا جـا نـاز ور مـنـهـنـجـي رکـو دنـيـا ۾ لـڄ

حـشر ۾ توڙي هـن جھان ۾ ڪر ڪرم اڪرم مٿي
آهـيان مـان بـي ثمـر منـهنـجـي رکـو دنـيا ۾ لـڄ