مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

احمد نـبيﷺکي آهـي هـن بـيقـرار جي سُڌ

احمد نـبيﷺکي آهـي هـن بـيقـرار جي سُڌ
ڪنهن کي ڀلاهوندي هن خاڪسارجي سُڌ

آڌي اسـر اٿـي ٿـو مـرسـل مـٺي کي ساريان
سڀ حال جي رکي ٿو مون اشڪبار جي سُڌ

شـب روز ٿو مـان ساريان نيڻن مـان نير هاريان
مدني مٺا تون لهندين هن حال زار جي سُڌ

الفت نبيﷺسان آهي قدرت جو هي ڪرم آ
مـنهنجـي وٺي پـيو خـود لـيل و نهار جي سُڌ

اڪـرم جـي الـتـجـا آ مـيدان حـشـر ۾ ئـي
سـروراچي تون وٺندين هـن عرضدارجي سُڌ