ڪـيان سـاراھ دلـبر جـي ٻڌو يارو ڪري سڀ ماٺ
ڪـيان توصيف سرورجي وهوياروڪـري سڀ ماٺ
شـرم ٻـوٽـي ڀـي شـرمـايـو ڏسـي رخ نور عربي جو
اچـي پـيو نـور رخ انـور ڏسـو يـارو ڪري سڀ ماٺ
مـحمـدﷺ مـير جـي آمـد خـدا جي آ ٿي رحمت ڄڻ
سدا صل عـلى دل سان پڙهو يارو ڪري سڀ ماٺ
اهـوئـي ورد مـولـى جـو مـلائـڪ جـن بـشـر جــو آ
وضيفو صل عـلى هر دم ڪيو يارو ڪري سڀ ماٺ
مـحـمـد ﷺ جـي مـحـابـي ۾ گناهن کان ڇٽي وڃبو
ورد صلـوات سهـڻي جـو پڙهو يارو ڪري سڀ ماٺ
عبـادت سـڀ آهـي بـهـتـر درودن لـئـه چـيـو مـولـى
پـڙهان مان ڀي پيو هر هر پڙهو يارو ڪري سڀ ماٺ
سـهـارو مـير مـرسـل جـو هـتي توڙي هُتي گھرجي
وضيفـو نـام مـرسل جو ڪيو يارو ڪري سڀ ماٺ
گـذاري سـنڌ ۾ گھڙيون توکي اڪـرم پيو سـاري
گـھـرائـيندو مـونـکي مدني ڏسـوياروڪري سـڀ ماٺ