مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

جـو ڪـجھ ملي ٿو بيحد ملي ٿو سرڪار صدقي تنهنجي ملي ٿو

جـو ڪـجھ ملي ٿو بيحد ملي ٿو سرڪار صدقي تنهنجي ملي ٿو
ٻـئي در ڏسـي ڇـا سهڻا ڪبو جو، دلدار صدقي تنهنجي ملي ٿو

آيـو سـخـاوت جـو ڄـام آيـو ٽويا ڀري ونڊي ٿو ونڊي ورهائي
گھـر گھـر ۾ خوشيون هرڪنهن ملهايون ڏاتارصدقي تنهنجي ملي ٿو

عـربـي مـحمـدﷺ مـخـتار احـمـدﷺ آيـو جـھان ۾ ٿي روشنائي
پـر ڪـيف مـوسم دلڪـش نـظارو انوار صدقي تنهنجي ملي ٿو

سرسبزگلشن سرخوش فضائون تازيون هوائون،رنگين گل ڦُل
تهنجي قدم سان ٻهڪي اٿياسڀ گلزارصدقي تنهنجي ملي ٿو

جهرڪيون۽طوطا،قمري ۽ ڪوئل ، صلوات جو ئي سڀ ورد ڪن ٿا
ڳـيرا ، تـتر ۽ چـيهـا چـون ٿـا سـردار صـدقـي تـنهـنجـي مـلي ٿو

اڪـرم ته ٻانهون آهي اوهانجـونعـتون پڙهي خـوش دائم رهـي ٿـو
انـتي ڪـرم هـي آهـي اوهـانجو سرڪار صدقي تنهنجي ملي ٿو