مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

ٿـي وڻـي صدبار مونکي ٿو ڪيان تنهنجي مدح

ٿـي وڻـي صدبار مونکي ٿو ڪيان تنهنجي مدح
مصطفـىﷺپل پل ڪـري منهنجي زبان تنهنجي مدح

خـود خدا تنهنجي ڪئي ساراھه آهي يا شفيع
مان ڪري سگھندس ڀلاڪيئن ڪجھ بيان تنهنجي مدح

آمـنـه جــا لاڏلا، مــولا مــٺــي جـــا دادلا
حمدسان ڌوئي زبان کي ٿو ڪيان تنهنجي مدح

مصطفىﷺجـھڙو نه آيو ڪو نبي نور الهدىﷺ
ٿـو ڪـيان اي شافع هر دو جھان تنهنجي مدح

تـون شـفاعت جو ڌڻي صاحب شفا توکي چوان
جـذبئه دل سـان تڏهن ٿـو مـان لکان تنهنجي مدح

فرش توڙي عرش تي تنهنجي ثنا هر دم هلي
انس، جن، حـورون، ملائڪ ڪن بيان تنهنجي مدح

ورد اڪـرم ٿـو ڪـري هـر دم درود تـاج جــو
ذرھ ذرھ کان جھـان جي ٿو ٻڌان تنهنـجي مدح