مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

خـدا جـي خـدائـي جـو اسـرار صـاف

خـدا جـي خـدائـي جـو اسـرار صـاف
مـحـمـدﷺ مـٺو آهـي اظـهـار صـاف

امـيـن اهـڙو آيـو، نـه ايـنـدو وري
ڪئي جنهن سدائين آ گـفـتارصاف

ڏکـيا مـرحـلا آيـا ڪـهـڙا کڻـي
مـگـر فـيصـلا ڪـيـا هـا دلـدار صـاف

سـدا حـق پـرستي هو شيو و سندن
ٻـڌايـائـون حـق جـا تـه افـڪارصاف

قـدم هـر قـدم تـي هـاثـابـت قـدم،
نـبي حـق سـندي هـو تـه تلوار صاف

غـريـبـن يـتـيـمـن جــو وراث ولــي
نـبـيـن سـڀـن جـو تـه سـردار صـاف

وڏا ڀـاڳ مــارن جــا آهــن ٿــيـا
مـحـمـد ﷺ مـلـيـو آهـه دلـدار صـاف

مـحـمـدﷺ مـٺـو هـو ڄـمـندي ڄام
سـنـدس لاءِ رب جـو آ اظـهـار صـاف

اچـي عـرض اڪـرم جـو مـدنـي اگـھاءِ
پـسـائـج پـريـن مونکي ديدار صاف