مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

اٿـي ويـٺـي سـتـي لـب تـي سـدا صـل عـلـى آهـي

اٿـي ويـٺـي سـتـي لـب تـي سـدا صـل عـلـى آهـي
خـدا جـي مـهـربـانـي سـان مـحـمـدﷺ جـي عـطـا آهـي

فـقـط نـالـو مـحـمـدﷺ جـو ٿـيو هـر درد لـئه دارو
دوا تـي دم ڪـري جـنـهـن کـي ڏيـان ان لـئه شـفا آهي

هـينـئي۾ يـاد سـرور جـي لـبـن تـي نـام سـرور جــو
اهـائـي بـس عـبـادت ٿـي قـبولـيـت در خـدا آهــي

حـقيـقـت ۾ مـحـمـد ﷺ جـي حـقـيقـت ٿـو خـدا ڄـاڻي
حـقـيـقـت ۾ خـدا کـان خـود مـحـمـدﷺ آشـنـا آهــي

محمد ﷺجـي رضا کي ٿو خدا پنهنجـي رضـا سمجھـي
اطـاعـت ڪـر مـحـمد جـي اهـو حـڪـم خـدا آهـي

مـحـمـدﷺ ئـي مـحـمـدﷺ آ هـتي تـوڙي هُـتي يـارو
سـندس نـالـي سـوا يــارو نـه ڀـرو ڪـو خــلا آهــي

نـبي اڪـرم ﷺ ٿـيو رحـمت نـبي اڪرمﷺ ٿيو برڪت
نـبيﷺ سـڀـني جـي لـئه هـر جـا شفـاعـت ۽ شـفا آهي