مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

منهنجو نبيﷺ خود خوب تر کان خوب تر آهي حسين

منهنجو نبيﷺ خود خوب تر کان خوب تر آهي حسين
جـيـئن نـگـيـنن ۾ سـدا ڳـاڙهـو گـھـر آهـي حـسـين

تـعـريـف رب جـي سـاڻ ٿو توصيف مرسل جي ڪريان
دنـيـا و ديـن و آخـرت جـو هـي ثـمـر آهـي حـسـيـن

روشـن ٿـيا هــر دوجــھـان مــحـبوب جــي آمد ڪـري
گـل ڦـل ٽـڙي هـر هـنڌ پـيا ٿـيو هـر شجر آهي حسين

حـسـن تـنـهـنـجــي ضـيا ارض و ســمــا ۾ جـــا بــجــا
ڪـونـين ۾ سـهـڻي صـفـا تـنـهـنـجـي نـظر آهي حسين

تنهنجي ڏسي هن حسن کي بي ساخـته ٿي يـڪ زبـان
شـمس و قـمـر چـوندا رهـيا خيرالـبشـر آهـي حـسين

آيـو نـه ايـنـدو ڪـو وري اهـڙو شـفـاعــت جــو ڌڻـي
دنـيا جـي لـئه ويـو مـوڪـلـيو هـو راهـبر آهـي حـسـين

اڪرم ثنا دل سان ڪري شب روز ٿو جنهن حسن جي
قـرآن تـنهـن تـي هـو لـٿو، هـو ديـدھ ور آهـي حـسـين