احد احمد پاڻ ۾
مـان پـريـشـان آهـيان حـيـران خـتـم الـمـرسـلـين.
“سندي سڪ پرين” اڪرم ٻورڙائي جو نعتيه ديوان آهي، يعني ان ۾ الف، ب وار نعتون آهن. جيستائين منهنجي ڄاڻ آهي ته سنديءِ ۾ شايد هي پهريون نعتيه ديوان آهي ! اڄ جڏهن غزل جي شاعرئَ ۾ ئي ديوان جي روايت ختم ٿي چڪي آهي. تڏهن اڪرم ٻورڙائي نعتيه ديوان آڻي، ان روايت کي جھڙوڪر ٻيهر زنده ڪيو آهي.
نبئَ اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جي سيرت سراپا آهي خدا جي رحمت، نبيءَ صلى الله عليه وآله وسلم جو هڪ ته حرف آ دلپزير ۽ دلنشين سچ پڇ “سندي سڪ پرين” لطيف سائين جي هڪ بيت جي پوئين سٽ جو پهريون پد آهي.
سندي سڪ پرين، لوڪ ڏٺي نه لهي.
پورو بيت هيئن آهي:
اڄ پـڻ اکـڙيـن سـڄـڻ پـنـهنـجـا سـاريـا
ڳـلن تان ڳوڙهن جون،بوندون بس نه ڪن
سـندي سـڪ پـريـن لـوڪ ڏٺــي نـه لـهـي
“پرين” ته پاڻ سڳورا صلى الله عليه وآله وسلم آهن ۽ سندن “سڪ” جو اظهار آهن اڪرم ٻورڙائئَ جون نعتون:
مرسل محمدﷺسردارآيو،
سبحان صـورت دلـدار آيـو.
لاکيڻي لطيف جو اهو بيت منهنجي پسند جو بيت آهي، ۽ اهو به عجيب اتفاق آهي ته اهو بيت ويجھڙائي ۾ منهنجي جھونگار ۾ رهيو آهي! ۽ ان بيت جي حوالي سان مان مسلسل اهوئي سوچيندو رهيو آهيان ته “سڪ” پهرين آهي؟ يا “پرين” پهرين آهن؟ يا “سڪ ” ۽ “پرين”، ٻئي گڏوگڏ آهن؟ ڌار ڌار نه آهن! اهڙا “پرين” جن جي سڪ لوڪ ڏٺي نه ٿي لهي! اُهي ڪي “عام پرين” نه آهن، “خاص پرين” به ناهن، بلڪ “خاص الخاص” پرين ” آهن:
برو هو ڀنڀور، آرياڻي اُجاريو
۽ جن جي لاءِ اڪرم ٻورڙائي عرض گذار آهي:
هي چنڊتارا، هي قطب زهرہ، هي مشتري ۽ هي ڪهڪشائون،
نه حسن تن جو ذرو به ٿيندو نبي محـمـد ڪريمﷺ جـھـڙو .
هتي مون کي لاکيڻي لطيف جو هي بيت ياد اچي رهيو آهي:
سهسين سڄڻ اڀري، چوراسي چنڊن، با الله ري پرين، سڀ اونداهي ڀانئيان.
اصل ۾ اهي “پرين” ئي سوجھرو آهين، ۽ انهن کان سواءِ سڀ اونداهي آهي.
هونئن ته سموري شاعريءَ لاءِ ڌيان گيان ۽ محويت لازمي آهي، پر نعتيه شاعري لاءِ ڌيان گيان ۽ محويت سان گڏوگڏ خشوع خضوع به لازمي آهي:
با وضـو ٿـي مـحفـل مـدني ۾ وڃـجـو سـاٿيو
بي وضو ڀلجي ڪڏهن ان ۾ نه اچجو ساٿـيو
دهن عنبر۽ گلاب مشڪ سان ڌوئڻ کان پوءِ
ذڪرمحبوب خدا محفل سان ونڊجو ساٿيو
نعتيه شاعري لاءِ نه رڳو جسماني پاڪيزگي لازمي آهي، بلڪ روحاني پاڪيزگي پڻ لازمي آهي. ۽ جسماني پاڪيزگي لاءِ ته پاڻي سان وضو ڪبو آهي، پر روح جي پاڪيزگي لاءِ وضو لڙڪن سان ڪبو آهي. لڙڪن جي پاڻي لاءِ اٿاهه سڪ جو ساگر هئڻ لازمي آهي ۽ انهئَ اٿاهه سڪ جي ساگر لاءِ “پرين” جو هئڻ لازمي آهي:
رڙي روئي ڀري سـڏڪـامحمدﷺکـي پڪاريان ٿو
ٻڌي ٻانهو ڪري دانهون محمدﷺ مان ساريان ٿو
ڪيو مون اڻ ڏٺي سـودو محـمد ﷺ مـير سـان آهي،
ٻڌي نالـو محـمدﷺ جـو اکين مـان نير هـاريان ٿو.
خدا جي محبوب، انسانيت جي محسن اعظم، سڀني عالمن لاءِ رحمت، نبي اڪرم حضرت محمد مصطفىﷺ جن جي اٿاهه سڪ ۽ اُڪير جي ساگر مان ئي نعت جا ماڻڪ موتي لال لڀن ٿا ۽ پوءِ ساگر مان ٻيڙا پار ٿين ٿا:
سـهـڻـا مـدنـي مٺـڙا يـار
منهنجاڪر تون ٻيڙا پار.
اڪرم ٻورڙائي به پاڻ سڳورن جي اٿاھه سڪ ساگر مان نعت جا ماڻڪ موتي لال ميڙي سنڌي شاعري ۾ پيش ڪيا آهن ۽ انهئَ ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سندس هي نعتيه ديوان “سندي سڪ پرين” سنڌي نعتيه شاعري ۾ هڪ اهم اضافو ثابت ٿيندو.
“سندي سڪ پرين” جي نعتن جو ڪارڻ به “ڪارڻي” جي اٿاھ سڪ ۽ اُڪير آهي، جيڪي هن پوريءَ ڪائنات جي تخليق جو ڪارڻ آهن. جن جي ڪارڻ ئي هي سڄو مانڊاڻ منڊيو ويو آهي ۽ جن جي بابرڪت ذات لاءِ لطيف سائين هيئن عرض ڪيو آهي:
احد احمد پاڻ ۾، وچان ميم فرق،
آهي مستغرق، عالم انهئَ ڳالھ ۾.
[b]سيد امداد حسيني
5 مئي2003ع
ڄام شورو، سنڌ [/b]