مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـحــبـوب سـڄـڻ يــار لـهــو ســار الله لـڳ

مـحــبـوب سـڄـڻ يــار لـهــو ســار الله لـڳ
ڪـــر ڌار نــه بــيــمــار لــهـــو ســــار الله لڳ

سـالـن کـان ٿو سنبران پـيو مـن ڀاڳ کلـي شـل
مـنـهـنـجـي سـدا هـر بـار لـهـو سـار الله لـڳ

ڪـو ڪـم نـه چـڱـو آھـه ڪـيان نـاز مان جنهن تي
آهـي تـه سـنـدءِ ســار لــهــو ســار الله لــڳ

تـوفـيـق ڏنـي رب ڪــرم آھـه نـبـي ﷺ جــو
تـنـهـنـجـا ڪـيـان اذڪــار لــهــو ســار الله لـڳ

صـلـوات سـڳـوري کـي ڪــيـان ورد ٿــو هــر دم
آهـيـن يـاد هـر بـار لـهـو سـار الله لــڳ

جـو دم بـه مـان زنـده جـي جـھـان ۾ رهـان دلـبـر
ســودم تـه ڪــيـان اذڪــار لــهــو ســار الله لــڳ

اڪـرم تـي ڪـرم تـنهنـجـو ٿـيـو خـوب سـدائين
رک ســاڻ تـون سـرڪـار لـهـو سـار الله لــڳ