سـرڪـار سـڀاڻـي مـونـکـي بـه گـھـرائي
پـڪ آهـي هـمـيـشه مـديـنـي رهــائــي
مـحـبوب ڪـرم جـو انـدازو ڪـو نـاهـي
جنهن کي به هو چاهي ان کي ٿو سڏائي
رحـمت ۽ سـخـاوت مدني کانپوءِ بس آ
مجرم ٿين بري جت رحمت جي ٿا سائي
دل سـان جـومحمـدﷺمدني کي پڪاري
دنـيا تـوڙي عـقـبى ٿـو ڀـاڳ ڀـرائـي
اڪـرم جـو وسـيلــو اهــڙو هــو مـڪـمـل
هــر آس مـحـمـدﷺ ان جـي ٿـو پـڄـائي