مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

گـلـن ٻـوٽـن ۽ گـلـشـن جـي بهارن ۾ محمدﷺ آ

گـلـن ٻـوٽـن ۽ گـلـشـن جـي بهارن ۾ محمدﷺ آ
سراپـاحـسن، ڌرتـي جـي نـظـارن۾ مـحـمدﷺآ

مـحمـد ﷺ ئـي محـمدﷺ آ جـھان جـي ذرھ ذرھ ۾
نـظـر جـاڏي ڪـيـم تــاڏي نـظارن ۾ محمدﷺ آ

نبي مرسل، ڪئي ڪامل ٿيا شيدا محمدﷺجا
خـدا جـي پيـار وارن جـي پـيـارن ۾ مـحـمـد ﷺ آ

زبـان تي ذڪر احمدﷺجو دلين ۾ فڪراحمد ﷺ جو
زبـان و دل جـي چـرپـر ۽ اشـارن ۾ مـحـمد ﷺ آ

حـقيقـت نـور اطهر جي خدا جو سنهن خدا ڄاڻي
مگر ماڻهن جي لئه قرآن جـي پارن ۾ محمد ﷺ آ

لـکـيل هـر چـيز تـي جـنـت ۾ نـالـو آ مـحـمـد جـو
چٽيل عرش برين جي خود منارن ۾ محمدﷺ آ

ثـنا تنـهنجـي نـه هـڪ اڪـرم ڪري ٿو روز شب
زبـان تـي نـوجوان پوڙهن ۽ ٻارن ۾ محمد ﷺ آ