مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

دنـيا جـا رنـگ ۽ رونـقون تـنهنجي ڪري يا مصطفىﷺ

دنـيا جـا رنـگ ۽ رونـقون تـنهنجي ڪري يا مصطفىﷺ
بـاد صبـا جـون نـگھتون، تـنـهنجي ڪري يا مصطفىﷺ

مـحـبـوب تـون ڄـائـين ڀـلي، مـحـبوب تـون آئـين ڀلي
دنـيا جون هي سڀ زينتون، تنهنجي ڪري يامصطفى ﷺ

بـارش وسـي ٿـي نـور جـي، هـر عـرش تـي ۽ فـرش تـي
گھر گھر ۾ آهن رحمتون، تنهنجي ڪري يا مصطفىﷺ

مـسرور مـاڻـهـون ۽ مـلڪ، تـنهنـجـي اچـڻ سـان ٿي ويا
سـڀ کي عطـاٿيون نعمتون،تنهنـجي ڪـرييـامصطفـىﷺ

ڪـعبو خـدا جو گھـر بـڻيـو، ڇـا ڳالـھه ان جي مان ڪيان
ڪعبي سنديون عظمتون تنهنجي ڪري يامصطفىﷺ

مـدت کـان آهـي آرزو، مـان گـنـبـذ خـضـرا ڏسـان
مـاڻيان هلي ڪي برڪتون، تنهنـجي ڪـري يا مصطفىﷺ

تنهنجي زيارت مان ڪيان، چانئٺ چمي تنهنجي مران
قسمت ۾ اينديون راحتون، تنهنجي ڪري يا مصطفىﷺ

نـالو وٺـي تـنهنـجـو گـھـري، اڪـرم پـيو هـر دم دعـا
پـوريون ٿـيون سـڀ حـاجتون، تنهنجي ڪري يا مصطفىﷺ