مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

پـنـهـنـجـن کـي گـھـرائـيندو سرڪار مديني ۾

پـنـهـنـجـن کـي گـھـرائـيندو سرڪار مديني ۾
مـهـمـان رهـائـيـنـدو سـرڪـار مـديـنـي ۾

صـلـوات پـڙهـي جـيـڪـو سرڪار مٿان دل سان
ان کـي تـه سـڏائـيـنـدو سـرڪـار مـديـنـي ۾

مـرسـل جي نظر سان گڏ مرشد جي نظر گھرجي
جنـهـن مـهـل سـڏائـيـندو سـرڪــار مـديـني ۾

هـر سـمـت تـجـلـيـون ۽ هـر رخ تـي ضيا باريون
انــوار پـسـائـيـنـدو ســرڪــار مـديــنـي ۾

هـر واٽ گـجـي کــان ٿـي يـثـرب ڏي وڃــي يـارو
مـرشـد ئـي رسـائـيـنـدو سـرڪـار مـديـنـي ۾

بـي پـهـچ ٿـيـو اڪـرم سـاري نـه سـگھي ٿو ست
خــود پـاڻ گـھـرائـيـنـدو سـرڪـار مـديـنـي ۾