مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

نـبي پـيارا جـڏن جـيارا، درورد تـوتـي سـلام تـوتـي

نـبي پـيارا جـڏن جـيارا، درورد تـوتـي سـلام تـوتـي
اي لامـڪـان تـي مـڪـان وارا، درود تـوتـي سـلام تـوتـي

سـخـي سـٻاجـھـا اي سـرور، مـڪـي مـحـمـد ﷺ مـٺا مـنـور
خـدا جـا دلـبر خـدا جـا پـيارا، درود تــوتــي ســلام تــوتــي

نـه هڙ ۾ پائي نه تن ۾ طاقـت پـسايـو روضـو ڪـريان زيـارت
ڏسـان اکـين سـان نـوري نـظـارا، درود تـوتـي سـلام تـوتـي

نـٿي سـري ڪـا سـوا تـو سـاعـت اوهـان جـي دل ۾ رهـي محبت
اوهـان جـي سـڪ جـا وڏا سـهـارا، درود تـوتـي سـلام تـوتـي

اوهـان جي سڪ سـان سندم تـه سينو رهـي ٿو روشـن نبي اڪرمﷺ
ڪـرم ڪـروڙيـن ٿـيا ڪـوهـيارا. درود تـوتـي سـلام تـوتـي

سـوا ثمـر جـي هڻان ٿو هـامون ڏسـي سخـاوت اوهانجـي سرور
اوهـان جـي شفـقـت کـپي سـچـارا، درود تـوتـي سـلام تـوتـي

اوهـانجـو خـادم اوهـانجـو نـوڪـر سـڏائي اڪـرم ٿـو ٻـورڙي ۾
ڪـرم انـهـيءَ تـي ڪـنديـن ڀـلارا، درودتـوتـي ســلام تـوتـي