مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

ڪـري ٿـو ورد خـود خـدا درود پـڙهـه درود پـڙهـه

ڪـري ٿـو ورد خـود خـدا درود پـڙهـه درود پـڙهـه
قـبول جـنهـن سان ٿئي دعا درود پڙهه درود پڙهه

درود ســان حــيات ۾ نـظـام ڪــائـنات آ
درود ســان نـجــات آ درود پــڙهــه درود پــڙهــه

ٿـو شـر ڀڄي درود سان ٿو نفس مري درورد سان
سـمـوري ورد جـي شـفـا درود پـڙهـه درود پـڙهـه

درود تـون پـڙهـي تـه ڏس درود ڳـالـهـه آ وڏي
هــي لـفـظ لـفـظ آ جـزا درود پـڙهـه درود پـڙهـه

عــتاب ۾ عــذاب ۾ بــخـــار ۾ ڏڪـــار ۾
جـو حـرف حـرف هـو شـفـا درود پـڙهـه درود پـڙهه

يـقـين سـان امين تي يقـين سـان رسـولﷺتي
زبـان و دل سـان دلـربـا درود پـڙهـه درود پـڙهـه

ڪــريـم تـي رحــيـم تـي عـزيـز تـي يـتـيـم تـي
درورد پـڙهـه تـون بـارهــا درود پـڙهـه درود پـڙهـه

بـشـير تـي مـنـير تـي رشـيد تـي نـذيــر تــي
پـڙهـي درود اڪــرم درود پـڙهـه درود پـڙهـه