مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

احـمد مـحمد مـصطفىﷺ منهنجو نبي سهڻو نبي

احـمد مـحمد مـصطفىﷺ منهنجو نبي سهڻو نبي
مـحمود حامد مجتبىﷺ منهنجـو نبي سهڻو نـبي

روضـي ڌڻـي روزِ جـزا ضـامـن ٿـئي يـوم حـسـاب
بـيشڪ ڏيـاريندو شفـا منهنجـو نبي سهڻو نـبي

بـدڪـار ڏوهـين جـي ٿـيو واهـر وسيلـو يـا نـبي
ڏوهـي ڇـڏائـيندو صـفا منهـنجـو نـبي سهڻو نبي

هـو رحـمت اللـعـالـمـين ۽ هـو شـفـيع الـمذنبين
خـيرالبـشر خـيرالـورى منـهنجـو نبي سهڻو نبي

مـدني مـٺو سرور سـڄو سـرواڻ ساري سـاٿ جو
مـڙني ڪـندو اڪـرم شفا منهنجو نبي سهڻو نبي