مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

ڏسـي عـظمـت مـحمـدﷺ جـي ڏسـي عـربـي جي سلطـانـي

ڏسـي عـظمـت مـحمـدﷺ جـي ڏسـي عـربـي جي سلطـانـي
مـلائـڪ جـن، حـورن کـي ٿـئي ڏاڍي ٿـي حـيـرانـي

قمـر ڪـومائجـي ويـئڙو جھڪـو ٿـيو شمـس جـو جـوهـر
ڏٺـي جـنـهـن ۾ فـقـط هـلـڪـي رخ انـور جـي تـابـانـي

سـڄـو ئـي نـور هـو تـنـهـن جـو نـظـر پـاڇـو ڪـٿـي ايـندو
حـقيـقـت ۾ ۽ صـورت ۾ سـڄـڻ هـو نـور نـورانـي

سـڄـڻ نـورالـهـدى جـو هـڪ مـثـال بـيـمـثـال آهـي
جـھـان وارن جـي لــئه جــانـي هـدايـت آهــه قــرآنــي

مـٺـي مـحــبوب مـرسـل جـي مـٺي گـفـتار مـصـري کـان
مـنڊيـائـين مـيـٺ ۾ مـاڻـهـو، ٻـڌائـي قـول ربـانـي

ڏکـيا ڏهـلا هــئا ڏيـهـي، ڏکـن جـي ڏاج ۾ ويـڙهـيل
پـريـن آنـدي پـنهـوارن ۾ وڏي خـوشـحـالـي شـادمـاني

سـکـيا سـانـگـي ٿـيا سـرهـا سـڄـي سـاڻـيهـه جـا سائين
قـدم قـربـئون ڀـري آيـو پـکـن مـان وئـي پـريـشـانـي

ويـون مـاڻـهن مان مايوسـيون مـلي مارن کي خوشحالي
جـڏهـن جـانـب جـڏن جـو جـيءَ جـيارو هت رسـيو جاني

پرين جي مان وڃان پاڙي خوشيون ۽ شادمانيون ٿين
انـدر اُجـري وڃـي پـل ۾ ڏسـي صـورت سـا سـبـحـانـي

حـقيـقـت ۾ نـبـي احـمدﷺ اســان کـي زنـدگـي بخـشي
اهـا اڪــرم اســان تــي مـهـربــانـي آهــه يــزدانــي