مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

اين سعادت بزور بازو نيست

حڪيم دين محمد جي، محمد صلى الله عليه وآله وسلم جي دين سان نسبت شايد ازل کان ئي جڙيل هئي ۽ اڪرم تي، ڪريم جو خاص ڪرم پڻ انهي نسبت جو نتيجو ٿو نظر اچي، اهوئي سبب آهي جو اڄ به هو حفيظ جي حفاظت ۾ رهي ٿو. تنهن هوندي به ائين چوڻ کان رهي ڪين سگهبو ته “ اين سعادت بزور بازو نيست، تانه بخشد خدائي بخشندہ” هن شاعر جي ذهن تي نعت نويسئَ جو جذبو جيئن پوءِ تيئن وڃي غالب پوندو، جنهن کيس عشق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي انهئَ منزل تي رسائي ڇڏيو آهي جتي پهچڻ سڀ ڪنهن جي ڀيڻي ڪانهي.

عبدالقيوم صائب
19-11-2000