مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـديـنـي جــا مـٺـڙا ۽ دلــدار مــاڻـهـون

مـديـنـي جــا مـٺـڙا ۽ دلــدار مــاڻـهـون
دلـــيـن ٺـــار دلـــبـر ۽ مــنــٺـار مــاڻــهــون

نـبـي جــا ڪــي ڄــايــا صــحــابـن جــا ڄـايــا
سـڀـئـي نــور نــوري ســي انــوار مــاڻــهــون

ابـوبـڪـرؓ عـثـمـانؓ، حـيـدرؓ عـمـرؓ
نـبـيﷺ جــا پــيارا اهــي چــار مــاڻــهــون

هــيـو چــؤطــرف ئــي انــڌيــرو انـڌيــرو
نـبـيءَ جــي ڪــيـا جــلـوهــه بــيـدار مــاڻــهـون

ڏنـو درس وحــدت جــو جـنـهـن دم پـيـغـمبر
ڇــڏي بــت پــرســتي ويــا يــار مــاڻــهــون

جـوان ٻـار، ٻـڍڙا فـدا نـام تـان ٿـيا
ڇـا خـالـد ڇـا حـيـدر جـھـا يـار مــاڻـهـون

ســچــو ديــن اســـلام مــاڻــهــن قــبـولــيـو
ســچــائـي ڏي اڪـــرم ويــا جـــام مــاڻــهــون