مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

ورهـائـيندي اچـي خـوشـبوءِ مـديـني جـي هـوا يارو

ورهـائـيندي اچـي خـوشـبوءِ مـديـني جـي هـوا يارو
مـعـطـر ڪـئي سـڄـي مـحـفـل مـديـني جـي هوا يارو

گلاب ۽ موتيو، عنبر ۽ صندل ڪيئن وڻن تنهن کي
لڳـي جـنهـن کـي محمدﷺجي پسيني جي هوا يارو

مـٺي مـحمـدﷺجـي آمـد مـعـطـر ڪـيو جـھـان سارو
گـھـلـي ڪـون و مـڪـان ويـئي مـديـني جـي هوا يارو

هـلي جـا گـنـبذ خـضـرھ کـان بـڻجـي هـير ڪـا آهـي
ٿـڌي هـلڪـي مـحمدﷺجـي پـسـيني جـي هوا يارو

نـبيﷺ جي نور جون لاٽون ويون ارض و سما تائين
نـه پهـچـي جـت سـگـھي آهـي زمـانـي جـي هـوا يـارو

وٺي نـالـو مـحـمـدﷺ جو پـڙهـيا جـت درود آهـن
رسـي اڪـرم کـي اُت ويـئي مـديـنـي جـي هــوا يـارو