مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـون تـي رهـي يـا مـصـطـفـى ﷺ

مـون تـي رهـي يـا مـصـطـفـى ﷺ
جـود و ڪـرم تـنـهـنـجـو سـدا

نــاهــي ٻــيــو ڪــو آســرو
مــون لــئـه وســـيـلــو تـــو ســـوا

مــجــرم وڏو مـــان آهـــيــان
تـنـهـنـجــي وڏي آهــي شـــفــا

مـنـهـنـجــو وظــيـفـــو ورد آ
صــبـوح مـــســا صـــل عـــلــى

تـوفـيــق رب کــان ٿــو گــهــران
هـــر دم پـــڙهـــان صــل عــلــى

اڪــرم تــه آهــي امـــتــي
هــر دم ســنـدءِ درجـــو گــــدا