مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـيلاد مـون ڪـرايـو سـردار جـي ڪــري

مـيلاد مـون ڪـرايـو سـردار جـي ڪــري
غـم دور ٿـيا تـه دل جــا دلـدار جـي ڪــري

محـبوب جي قدم سـان روشـن ٿي ويندو گھـر
رحـمـت جـو نـور وسـندو انـوار جـي ڪـري

روشـن ٿـيون فـضـائـون سـرور جـي نـور سـان
مـسـرور جـڳ ويـو ٿـي سـرڪـار جـي ڪـري

عـرشـن تي رونقون ٿيون رونق ٿي فـرش تـي
هـا سـانگ سـڀ سـڄڻ جي سينگار جي ڪري

ظـلـمـت جـو دور ويـو ۽ خـوشـحـالـي دور آيـو
گـھـر گـھـر ويـا ٿـي سـک ان يـار جـي ڪــري

مـاڻهـن ۾ هئي مـسرت، مرڪون به موٽي آيون
ٻـهڪـي پـيا سـي چـهـرا سـڀ يـار جـي ڪـري

مـحـبوب ڪـئي عـنايـت اڪـرم تـي خــاص آ
سـڀ دور ٿـيون بـلائـون غـمـٽار جـي ڪــري