مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

پـريـن پـيـارو سـچـو سـهـارو نـبـي مـحـمـد رسولﷺ آهــي

پـريـن پـيـارو سـچـو سـهـارو نـبـي مـحـمـد رسولﷺ آهــي
سدا هــي ســانـول ڀـلـوڀـلارو نـبـي مـحـمـد رسولﷺ آهــي

جـھـان ۾ افـضـل غـريـب پـرور امـيـن عـادل حـبـيـب ڪــامـل
خـدا جـو مـحـبوب جـيءَ جـيارو نـبي مـحـمـد رسـولﷺ آهـي

سـليم سـهـڻو فـهـيم سـهـڻو خـدا جـو دلـبر خـدا جــو پــيـارو
هـتي هُـتي جـو سـچـو سـهــارو نـبـي مـحـمـد رسـول ﷺ آهــي

مـرض ڇـڏائـي شـفـا ڏيـاري جـڏا جـياري جـھـان ۾ جـانـي
چـون ٿـا مـاڻـهون سـڀـئي، ڀـلارو نـبي مـحـمد رسول ﷺ آهـي

خـدا جـو هـر وقـت ذڪـر افـضل ۽ بـعد ان جي ذڪر نبيﷺ جو
ٻـنهـي جـھـانـن جـو ڇـوٽـڪـارو نـبـي مـحمـد رسـولﷺ آهـي

ثـنا خـدا ۽ نـبي جـي ڪـن ٿـا هـي فـرش وارا هـو عـرش وارا
خـدا کـان پـوءِ هـي نـالـي وارو نـبي مـحـمـد رسـول ﷺ آهـي

ثنا سڄڻ جي ڪندو ڇا اڪرم ثنا ٿيو قرآن جنهن جي سارو
نـبي نـبـين ۾ تـه نـامـيارو نـبـي مـحـمـد رسـول ﷺ آهــي