مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـٺو مـحمدﷺ ڪريم آهي سچو ته صادق امين سچ پچ

مـٺو مـحمدﷺ ڪريم آهي سچو ته صادق امين سچ پچ
اسانجو ايمان آهي ڪامل اسانجي دل جويقين سچ پچ

نبيﷺ جي صورت نبيﷺجي سيرت سراپاآهي خداجي رحمت
نبيﷺجوهڪ هڪ ته حرف آ دلپزير۽دلنشين سچ پچ

نـه گـل گـلابـي گـلـن ۾ اهـڙو نـه آسـمـان ۾ قمـر هـو اهـڙو
نبيﷺجھڙو ٿيو نه ٿيندو وري ٻيو ڪو حسين سچ پچ

نبيﷺ اسانجـو ته خوب صورت حسين آهي جميل آهي
جمـال صورت جـمالِ سيرت ۾ آهي ٿيو بهترين سچ پچ

عجب شرف هو مليوته نعت نبيﷺجي لکندي اسانکي يارو
ثنا هـنن جـي ڪـري ڪـمايون ثـواب بـهترين سچ پـچ

سـدائين اڪـرم سـڏي اوهـان کـي ڪرايوزيارت رسول عربيﷺ
دعـا اگـھايو نـبي مـحمدﷺ رسول صـادق امـين سچ پچ