مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـٺو مـحـمـدﷺ ڪـريـم آهـي سـچـو ۽ صـادق امـين آهـي

مـٺو مـحـمـدﷺ ڪـريـم آهـي سـچـو ۽ صـادق امـين آهـي
اسـانـجـو ايـمـان آهــه ڪــامـل اسـانـجـي دل جـو يـقـين آهـي

نـبيﷺ جي صورت نبيﷺ جي سيرت سراپا آهي خدا جي رحمت
نـبيﷺ جـو هـرهـڪ تـه حـرف ٿـيو دل پـذيـر ۽ دل نـشـيـن آهـي

نـه گـل گـلابـي گـلـن ۾ اهـڙو نـه آسـمـان ۾ قـمـر هـو اهـڙو
نـبيءَ ﷺ جھـڙو ٿـيو نـه هـر گـز وري ٻـيو ڪـو حـسـيـن آهــي

نـبيﷺ اسـانـجـو تـه خـوبـصـورت حـسـيـن آهـي جـمـيـل آهـي
جـمــال صـورت ڪـمــال سـيـرت ســو ٿــيو بـهــتـريــن آهــي

عـجـب شـرف آ مـليو تـه نـعت نـبيﷺ جـي لکـندي اسـان کـي يارو
ثـنا جـنهيـن جـي ڪـري ڪـمـايـون ثـواب سـو بـهـتـريـن آهـي

سـدائـين اڪـرم سـڏي اوهـانکي ڪـرايو زيـارت رسول عربيﷺ
اگـھـائـي هـر دم دعـا ٿـو مـنهـنجـي مـونکـي تـه ان ۾ يـقـين آهـي