مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

زلـف ٿـيا ولـيل رخ رخـشـان خـتـم الـمـرسـلـين

زلـف ٿـيا ولـيل رخ رخـشـان خـتـم الـمـرسـلـين
مـنـهـن مـبارڪ صـورت رحـمٰـن خـتـم الـمـرسـلـين

ســڀ نـبي جـنهـنجـي ئي امـت ۾ اچـڻ لــئه تيار هـئا
مـرحـبا ڇـا شـان آ شـان خـتـم الـمـرسـلـين

جـنـت الـفـردوس ۽ عــرش بـريـن جـنـهـنـجـي ڳلي
ڏس نـظـر سـان غـور جـي ايـوان خـتـم الـمـرسـلين

صـدق دل سان جنهن پڙهي صلوات سرور تي سدا
روز مـحـشـر هـٿ ۾ ان دامـان خـتـم الـمـرسـلـين

ڪـر ڪـرم اڪـرم تي پنهنجـو اي شفيع المذنبين
مـان پـريـشـان آهـيان حـيران خـتـم الـمـرسـلـين