مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

گـھـر گـھر ويـو ٿـي روشن گھـر گهر ۾ شفقتون

گـھـر گـھر ويـو ٿـي روشن گھـر گهر ۾ شفقتون
مـحـبوب جـي اچـڻ سـان نـازل ٿيون رحمتون

آمـد سـان مـصطـفى ﷺ جي پرڪيف ٿي ويون
گلـشن جـون نـگھـتون ۽ گلـشن جـون زينتون

مــيلاد جــي مــحـفــل ارض و ســـمــا ۾ آ
مـيـلاد سـان وڌي ويـون هـر گهر جون عظمتون

خـلد بـرين کـان ويـندي سدرھ جي چوٽ تي
آهــن ڏســڻ وٽــان هـي مـيلاد جــو رفــعـتون

مـجـلـس ۾ مـصـطـفـى جـي ٿـي بــا ادب اچــو
حـاصـل ڪـريـو تـه ديـن و دنـيا جــو نـعـمتون

بــرڪـت ڀـريـو مـهـيـنو آهــي نـصـيـب ٿــيو
مـيڙي وٺــو انــهـيءَ ۾ بــي حــد بــرڪــتـون

اهــڙو اڳــي نــه آيــو سـهــڻو هــتـي ڪــڏهــن
جنهـن خـلق ۾ ورهـايون خـوشيون ۽ فرحتون

مـحـبوب جـي قـدم ســان آيـون وري هــتي
دنــيا جــون رونــقـون ۽ دنــيـا جــون زيــنتون

اڪـرم درود هـردم تـنهـنجـي مـٿان پڙهـي
شل ٿين نصيب هن کي تنهنجون ئي قربتون