مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

صلوات پڙھه سدا، محشر جو ڪر نه ڊپ

صلوات پڙھه سدا، محشر جو ڪر نه ڊپ
ڪر ورد مصطفىﷺ، مـحشـر جـو ڪر نه ڊپ

ڳـڻتي نه حـشر جـي، مـحشـر ۾ مـير خود
شافي ڪندو شفا، مـحشر جو ڪر نه ڊپ

مـجـرم بـري ٿـيا، مـدنـي جـي در مـڙئـي
روضـي ۾ جـي پـڳا، مـحشر جو ڪر نه ڊپ

انـڌيـرو هو جـھـان، آمد سـان مـيـر جـي
روشـن ٿـيو سـدا، مـحشـر جو ڪر نه ڊپ

اسـلام ڦـهـلـيو اسـلام دنـيـا ۾
آيوجو مجـتبيﷺ، محشر جـوڪـرنه ڊپ

مـرسـل درس ڏنـو وحـدانـيـت جــو
رهـندو سـدا خـدا، مـحشر جو ڪر نه ڊپ

هـو نـور مـصـطـفـىﷺپاڇو نه هو سندس
رب کان نـه هو جدا، مـحشر جـو ڪر نه ڊپ

احـمد ﷺ جـي لـئه خـدا خـود هو چيو ٿيو
منهنجـو آ دلبر مٺا، محشر جو ڪر نه ڊپ

مــرســل اچــي چــيـو آهــي وڏو خــدا
رهندو به بس خدا، محشر جوڪرنه ڊپ

اڪـرم نـه خـوف ڪـر حـامـي ٿـيو سندءِ
هِـت هُت آ مصطفى، محشر جو ڪر نه ڊپ