مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

لـکـان ٿـو سـنڌ مـان سـهڻي سچي سردار کي مان خط

لـکـان ٿـو سـنڌ مـان سـهڻي سچي سردار کي مان خط
هيئين جي هار کي مان خط اکين جي ٺار کي مان خط

حـقيقـت حـال هـي سـارو هوائون نيو مـحمدﷺ ڏي
پـڙهـي صـلـوات هـر هـر ٿـو لـکـان دلـدار کـي مـان خـط

پڪـاريان ٿو پرين توکي سدا ساريان سڄڻ توکي
سـچـائي جـو جـدائي جـو لـکـان مـهـندار کـي مـان خـط

هـوائـون روبـرو مـنـهـنـجـو ڏجـو احـوال سـاري سـڀ
لـکـان روئـي رڙي جـيـڪـو رخ انـوار کـي خــط

نـه گذري ٿـي گـھـڙي هـاڻـي وڇوڙي ۾ محمد ﷺ جي
وڇوڙي جـي حقيـقـت جـو لـکـان مـنـٺار کـي مـان خـط

جـدائـي جـل ڇـڏيـا ٻـاري اوهـانـکي دل سدا ساري
مـحـبت جـي تـه جـذبي سـان لـکـان دلدار کي مان خط

مـحـمدﷺ ئـي مـحـمدﷺ جـي اٿـم نـت وات ۾ وائـي
دلــي جـذبـات الـفـت سـان پـڳـدار کــي مــان خـط

گـھـرايـو مـير مـدني اڄ سڏي سنڌ مان ته اڪرم کي
لـکـان دل جي حقيقت ٿو هيئين جي هار کي مان خـط