نيهن جا نعرا ـــ اصلي حُسن
ڪنهن به تخليقڪار جي اصل تخليق اها آهي جيڪا ماڻهن کان ڇرڪ ڀرائي، ماڻهن کي ميڻ ڪري، باقي اها تخليق ڪنهن ڪم جي ناهي جيڪا ڪنهن هڪ ماڻهوءَ کان به ڇرڪ نه ڀرائي سگھي.
مان جنهن تخليقڪار جي پورهئي تي هي سٽون لکي رهيو آهيان ان جي پر اثر پورهئي ۾ اهو ڪمال ضرور سمايل آهي ته سندس هي تخليقون گھڻين دلين کي ميڻ ڪنديون هونئن ته اسان وٽ مذهبي شاعريءَ جو رجحان ٿورو ڪي گھڻو اصل کان رهندو آيو آهي پر اسان جو هي نئون نسل حسن ۽ عشق جي محور ۾ ڦاٿل آهي. هر طرف کان نينهن جا نعرا ٿا ٻڌجن، انهن نعرن مان هي اصلي حسن ۽ ڪڏهن به نه ختم ٿيندڙ عشق جو نعرو بلند آواز اڀري آيو آهي، اسانجي بزرگ دوست سائين اڪرم ٻورڙائي تي ڪائنات جي خالق ۽ مالڪ جنهن هيءَ ڌرتي ۽ آڪاس ۽ انهن ۾ وسندڙ سمورا پکي پکڻ، جيت جڻيا ۽ گل ٻوٽا پيدا ڪيا آهن ۽ جيڪو هر جاندار ۽ غير جاندار جو خالق مالڪ آهي انهيءَ پاڪ هستيءَ وڏا وڙ ڪندي هن بزرگ کي ڏات جي هڪ ڪڻي نه پر ڏات جو پورو درياءُ عطا ڪيو آهي جيڪو اڳتي هلي ڪنهن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو، سندس انهيءَ ڏات درياءَ مان جيڪي ويرون چڙهيون آهن انهن ويرن مان ڪي ويرون پاڻ سان جرڪندڙ سون جھرو پاڻي به کڻي آيون آهن جو هي ساٿي رب پاڪ جي نهايت پياري ۽ نبين جي سردار خاتم الانبياءَ حضور اڪرم پُر نور صلى الله عليه وآله وسلم جي شان ۾ نعتون لکي عقيدت جا گل نڇاور ڪرڻ لائق بڻيو آهي سندس لکيل نعتن جي فن ۽ فڪر تي ته ڪو ڄاڻو ئي لکندو البته مونکي تعارف لکڻ جو حڪم ٿيو آهي سو سندس رسمي تعارف لاءِ چند سٽون لکي رهيو آهيان.
سائين اڪرم به مون جيان خيرپوري آهي فرق رڳو اهو آهي ته مان خيرپور ميرن واري جو آهيان ۽ هن بزرگ خيرپور ناٿن شاھ تعلقي جي ٻورڙي ڳوٺ ۾ 25 فيبروري 1936ع تي ميان امام بخش جوڻيجو جي گھر جنم ورتو پر وري به اسانجي ميرن واري خيرپور جي وڏي گادي راڻيپور درگاھ جي پير حامد حسين شاه جي مريديءَ ۾ شامل ضرور آهن ان ڪري پاڻ سلسلي قادري سان تعلق رکندڙ آهن. نه رڳو پاڻ سلسلو قادري اختيار ڪيو اٿائون ۽ ڏھ سال الحفيظ ذاڪر تنظيم جا سرپرست اعلى رهيا آهن جيڪا سائين احمد رضا خان بريلوي جي ڏوهٽي سيد عبدالحفيظ شاه باني الحفيظ ذاڪر تنظيم جا بانيڪار آهن. پر پاڻ الھه آباد ڪنڊيارو جي بزرگ محمد طاهر قريشي عباسي کان متاثر ٿي سلسلي نقشبندي طاهري کي پڻ اپنايو اٿائون لهٰذا هاڻي سلسلي نقشبندي طاهري قادري جا پيروڪار آهن پاڻ روينيو کاتي مان سينئر روينيو اڪائونٽنٽ بورڊ آف روينيو سنڌ جي پوسٽ تان رٽائرڊ ڪري هن وقت ڪوٽڙي شهر ۾ الحفيظ دواخانو کولي مريضن جي علاج معالج ۾ مصروف آهن.
وشال امير
حيدرآباد