جڳ جاڌڻي منهنجا خدا، تون ڪر ڪرم پنهنجو سدا
مـنهـنجـي عـبادت يـا خدا، تنهنجي ڪيان هر هر ثنا
خـالق آهين تون خلق جو، مالڪ آهين تون ملڪ جو
ٿـي بـادشـاھـي تـو سـندي هـر دم هـلـي ارض و سما
دائـم آهـين قـائـم آهـيـن تـون از ازل ۽ تــا ابد
هـر چـيـز هــت آهــي فــنـا، بـاقـي فــقــط تــوکـي بـقا
ڪـهـڙا ڳـڻي ڪـهـڙا ڳـڻـيان، احسان تنهنجا رو ز شب
الله اڪـبـر شـان تـنـهـنـجـو شـان ۾ تـون ڪـبـريـا
هـر حـڪم تـنهنـجو ٿو هلي ارض و سما ۾ صبح شام
ڪک پـن چـري هـر گـز نٿو تنـهنجي اجازت کانسوا
روئـي رڙي سـجـدا ڪـري تـنـهنجي اڳيان هٿڙا کڻي
هـر هـر سـڏي مـالـڪ مـٺا دائـم گـھـران تـوکـان دعـا
حـيلـو نـه آهـي ڪـو رهـيـو تـو ريءَ ٻـاجـھـارا ٻـيـو
“اڪـرم” لـکـي ٿو حـمد پـيو ان کـي سـعـادت ڪـر عطا