مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـدنـي ڪـيـا حـيـران ســڀ

مـدنـي ڪـيـا حـيـران ســڀ
حــورون، مـلـڪ، غـلـمـان ســڀ

جـلـوو ڏسـي تـنـهـنـجـو مـٺـا
حـيـران ٿــيـا انــســان ســـڀ

آهــيـن ســـراپــا نـــور تـــون
تـنـهـنـجـا مـڃـون احـسـان سـڀ

عـظـمـت ٻـڌائـي ٿــو ســندءِ
مــولــى ســـندو فـــرقــان ســڀ

آهـيـن خــزانـو ٻــاجــھه جـــو
تــون ديـن ۽ ايــمــان ســڀ

ڇــا شــان تـنـهـنـجــي ۾ لــٿـو
آهــي ســڄــو قــرآن ســـڀ

فـــردوس جــــو آهـــيـن ڌڻــي
ڪــر تــون عـطـا عــرفــان ســڀ

اڪــرم ڪــيـو مــرســل ڪـــرم
آهــي مـلـيـو ايــمــان ســـڀ