مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

مـٺي مـحـبوب انــور جــو ڏســو مــنـٺار جــو رتــبو

مـٺي مـحـبوب انــور جــو ڏســو مــنـٺار جــو رتــبو
مـحـمـد مـصـطـفىﷺ مـدنـي ڏسـو مـخـتار جـو رتـبو

مـحمدﷺجـي تـون سـيرت پڙهڻ چاهين ته پڙهه قرآن
عـجـب آيـت ڏسـي هـڪ هـڪ سـچـي سـردار جـو رتـبو

رسـول الله ﷺ جـي سـنـت نـمـونـو زنـدگـي جـو آهـه
پـڙهي ڏس تـون حـديـثن مـان مـٺي مـنـٺار جـو رتبو

وڻـي ٿـي پـاڪ پـرور کـي ثـنا مـرسـل مـحـمد ﷺ جـي
پـڙهـي صـلـوات ٿـو مـولـى ڏسـو دلـدار جــو رتــبو

رسـولـن ۾ مـحمـدﷺ کـي خـدا مـحـبوب ڪـوٺـيو آ
بـيان ڪـهـڙو ڪـيان يـارو خـدا جـي يـار جـو رتـبو

نـه ڳـڻـتي حـشـر جـي آهـي جـو امـت جـو شـفـيع آهـي
خــدا امــت کــي بـخـشـيـندو ڏسـي مـهندار جو رتبو

بـرايـن کـان بـه اڪـرم کـي بـچـايـومـيرمـدنـي شـاهـه
رکـي گـڏ ســاڻ مـحـشـر ۾ ڏسـان انـوار جـو رتـبو