صلى على محمد صلى الله عليه وسلم
حمد کانپوءِ نعت شاعرن لاءِ خدائي ڏات آهي، اسان جي دوست اڪرم صاحب هن موضوع ۾ پنهنجي عقيدت ۽ محبت جا گوناگون رنگ ڀريا آهن. عقيدت جو اظهار عشق نبي صلى الله عليه وآله وسلم جي آواز جو پڙاڏو آهي. شاعر چوي ٿو:
شب و روز لب تي محمد ﷺ محمد ﷺ
اهـو نـام هـر هـر وٺـان مـحـتـرم آ.
محمد ﷺ جي روضي تي جھرمر ۽ رم جھم،
ڪـڪر منجھه هي ڪهڪشان محـترم آ.
عشق نبي صلى الله عليه وآله وسلم هڪ بيثمال ۽ لازوال تحفو آهي. ان جو ذڪر شاعر هيئن ڪري ٿو.
ٿــيو خـوب اڪـرم جـو آهـي نـصـيب،
مـحـمـد ﷺ مـلـيو مونکي آهي حبيب.
نعت نويس حضورﷺ جن جي عظمت لاءِ جذبن جو اظهار ته ڪري ٿو، پر پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جي عظمت ۽ درجي جو ڪاٿو ڪري ئي نٿو سگھي ۽ هي حقيقت بيان ڪري ٿو:
محمد ﷺ جن جي عظمت تون قرآن کان پُڇ،
هـئي ڇـا حـقـيـقـت تـون قـرآن کـان پُـڇ.
حضورﷺ جن جي حضور جيڪا نذرانه عقيدت پيش ڪجي سا شان مبارڪ جو پورو احاطو نٿي ڪري سگھي. پاڻ محبوب خدا آهن، انسان جي ڇا حيثيت آهي، انسان ته فقط عقيدت جو، محبت جو اظهار ئي ڪري سگھي ٿو. وڌيڪ انسان جي وس جي ڳالھ نه آهي. ثناءِ رسول صلى الله عليه وآله وسلم ڪري پوري پوي. بس جذبن جو اظهار آهي:
دل ۾ صـلــوات و ســلام،
لـب تـي صلـوات و سـلام،
چــؤ طـرف آهــي بـهــار،
مـڪـي مـدنـي کـي سـلام
جـنسار ارض وسما جا،
عــربـي لــئه اهـتـمـام.
اطيمنان، ۽ سڪون، مطلب ته عاشق جو سڀ ڪجھه محبوب خدا جي ياد کي جاري رکڻ ۾ آهي. اڪرم صاحب پنهنجي محبت جو اظهار ڪندي چوي ٿو:
خـادم ٿـو مـان نـبـي ﷺ جـي دربـار جو سڏايان
شـب روز نـعـت ڳـائـي پـيـغـام ٿـو رسـايـان،
غربت ۽ تنگدستي پنهنجو ئي ڀاڳ سمجھيم،
صلـوات پڙهـندي پڙهـندي خوشحال ٿيو نمايان.
اڪـرم نجـات منـهنـجـي صل عـلى محـمـدﷺ
صل عـلـى مـحمد ﷺ جو دم جـئان سـو ڳـايان.
عقيدت جا موتي ڪهڙا پسي ڪهڙا پسجن! اُنهن جي روشني ۽ شعاع جي حد نه آهي، ڀلا ذڪر حبيب ﷺ جي ڪٿ ڪهڙي ڪري سگھبي. اڪرم صاحب جي هن نعتيه ديوان ۾ حضور ﷺ جن جي دربار ۾ عقيدت ۽ محبت جا موتي جابجا ضوفشان آهن. لفظ لفظ مصرع مصرع ۾ سهڻي سردار جو جلوو نمايان آهي:
درودن جـا تـحـفـا اُمـاڻـي ٿـو جـيـڪــو،
انـهي جـو مـحمدﷺ انـهـي جـي خـدائي.
غمن مونکي گھيريو پنهنجن منهن ڦيريو،
انـهـي وقـت آقـا سـڏي ڪـئـي ڀـلائـي.
سبحان الله! هي آهي سهڻي سردارﷺ جو احسان جيڪو لفظ لفظ ۾ پيو جھلڪي، هڪ ٻانهي لاءِ خدا ۽ رسول خدا جا احسان ڳڻڻ کان ٻاهر آهن پر ڪن لفظن ۾، ڪن مصرعن ۾ نمايا ٿين ٿا ته اها شاعر لاءِ به سعادت ۽ قاريءَ تي به عنايت!!.
اڪرم صاحب جو نعتيه ديوان انشاءِ الله سنڌي زبان ۾ اهم مقام حاصل ڪندو. ان جذبي جو جواب حاصل ڪندو جنهن سان شاعر هي موتي وڻجيا آهن.
والسلام
عبدالجبار جوڻيجو
25 اپريل 2003ع