مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

محمدﷺجي عظمت تون قرآن کان پڇ

محمدﷺجي عظمت تون قرآن کان پڇ
هـئي ڇـا حـقيقـت تـون قـرآن کـان پڇ

بـشـيرً، نـذيـرً، ســراجً، مـنــيـرً
مـحمدﷺجـي سيرت تون قرآن کان پڇ

مـحمـدﷺجـھـان ۾ تـه صـادق، امـين آ
نبيﷺجي صداقت تون قرآن کان پڇ

حـسينان عـالــم ۾ ان جــي ضــيا ٿــي
محمدﷺ جي شهرت تون قرآن کـان پـڇ

مـحـمـدﷺسـخـاوت ۾ ڪـيـڏو سـخي آ
نـبي جـي سـخـاوت تـون قـرآن کان پڇ

محمـدﷺتي صلوات اڪـرم پڙهي سڀ
ڪـندو جـو شفاعت تون قرآن کان پڇ