مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

دل درد ڪـئـي ديـوانـي ڪــر دور نا دلارا

دل درد ڪـئـي ديـوانـي ڪــر دور نا دلارا
مـرسـل مـديـنـي وارا
پـاڻـا نـه پـل پـري ڪـر مـونـکـي پـريـن پـيـارا
مـرسـل مـديـنـي وارا
بـيـحـال آهـيـان بـيـحـد سـورن انـدر آ ساڙيو
رئـنـدو رهـان ٿـو راڻـل نـيـڻـن مـان نـيـر نـارا
مـرسـل مـديـنـي وارا
دل ۾ تـون يـاد آهـيـن شـب روز توکي ساريان
تـنهـنجـي تـلاش ڪـريـان نـوري ڏسـي نـظـارا
مـرسـل مـديـنـي وارا
سـاٿـي سـندم نـه آهـي تـوريءَ ڪـو سـهـارو
تـنـهنجا سدائين آهـن سائـين سچـا سـهـارا
مـرسـل مـديـنـي وارا
اڪـرم کـي آسـرو آ مـلـندم حـضـور انـور ﷺ
دل سـان سڏي ئي چوندم نوري ڪريو نظارا ﷺ
مـرسـل مـديـنـي وارا