مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

يـانـبـي ﷺ مـونـتـي پيارا تون ڀلايون ڀال ڪج

يـانـبـي ﷺ مـونـتـي پيارا تون ڀلايون ڀال ڪج
بـي وسيلـن جـا سهـارا تـون ڀـلايـون ڀـال ڪـج

ملڪ منهنجي ۾ هي ماروتون سدا سرها ڪجانءِ
دؤر سـڀ ۾ ٿـيـا ڏکارا تـون ڀـلايـون ڀـال ڪـج

ٿي گناهن کان ٻڏي ٻيڙي سندم دل جي پئي
تـون پـسائيـندي ڪنارا تون ڀلايون ڀال ڪج

شـان تنهنجو شهنشاهـي سـادگي تنهنجي مگر
شـان قـدرت جـا سـتارا تـون ڀـلايـون ڀـال ڪج

تنهـنجـي در تـان قـافـلا هـڪـڙا وڃن ٻيا ٿا اچن
سـي ڏسـان حـاجي ڀلارا تون ڀلايـون ڀـال ڪـج

تنهنجي چائنٺ کي چميوجنهن بخت بالا انجو ٿيو
اي جڏن جـا جيءَ جـيارا تـون ڀـلايـون ڀال ڪج

صبح سان تنهنجي ثنا سانگي سچا ڪن سدا
ڪـر مدد تـن جيءَ جـيارا تون ڀـلايون ڀال ڪج

ڪـر عـطـا مـونـتي صداتون يا محمد مصطفىﷺ
ٽـوڙ غم جـا سـنگ خـارا تـون ڀـلايون ڀال ڪـج

پـاڪ هـن پـياري وطـن مان دورڪـر رنج و الـم
نـور جـا نـوري نـظـارا تـون ڀـلايـون ڀـال ڪـج