مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

رسـالـت جـو سـلـطــان مـديــني ۾ آيــو

رسـالـت جـو سـلـطــان مـديــني ۾ آيــو
سـما عڪس پنهنجو زمين تي پسايو

مـديني جي عظمت نبيﷺجي قـدم سان
مـديني کـي مـرسل سندس گھر بنايو

سـراپـا هـو رحـمـت مـديـني جـو مـالڪ
بـڻـيو ابــرِ رحــمـت وَٺــو ٿــي ســوايـو

مـديني جون ڳالهيون ملن جابجا ٿيون
زمـين تـي سـمـا جـو هـو والـي جـو آيـو

گـھـڻي وقـت کـان جـا رهـي آرزو ٿــي
خـبـر آ اوهـانـکـي اوهـان ئـي پـڄـايـو

ثـنا خـوان اڪـرم جـي من جون مرادون
پـڄـايـو، پـڄـايـو، پـڄـايـو، پـڄـايـو،