مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

فـلـڪ جـي عـظـمت زمـين جـي زيـنت صـل الله عـلـيه وسـلـم

فـلـڪ جـي عـظـمت زمـين جـي زيـنت صـل الله عـلـيه وسـلـم
جهـان ڪـري ٿـو اوهان جـي مـدحـت صـل الله عـلـيه وسـلـم

مـجـيـب مـدنـي رسـول عـربـي حـبـيـب داور شـافـع مـحـشر
سـمـوري عـالـم جـي لـئي شـفـاعـت صـل الله عـلـيه وسـلـم

زبـان تي جـنهـن جـي رهـي ٿو ڪلمو اميد تنهنجي اهائي آهي
سـڀـن تـي سـهـڻي ڪـندو عـنايـت صـل الله عـلـيه وسـلـم

ثـنا زبـان تـي رهـي سـدائـيـن ۽ قـرب دل ۾ ڪـيـو هـو ديـرو
هـي ورد تـنهـنجـي جـي آهـه قـربـت صـل الله عـلـيـه وسـلـم

همـيشه جـھولـي رهـي ٿـي خالي ٺڪر ٺلهي ڪريان ٿو دانهون
ڀـرم تـون رکـجـان ۽ مـنهـنجـي عـزت صـل الله عـلـيه وسـلـم

ٿـيون امـيدون سدائين پوريون ڪرم اوهانجو سدا رهيو هو
رهـيو ٿـي اڪـرم جـي لاءِ رحـمـت صـل الله عـلـيـه وسـلـم