مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

شاعر پاران

شروع ڪريان ٿو الله جي نالي سان جو وڏو مهربان نهايت رحم وارو آهي مالڪ مٺي جا مونتي وڏا احسان آهن، جنهن مونکي اها توفيق ڏني جو مون حضور اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم جن جي شان مبارڪ ۾ حديه عقيدت لاءِ هي ڪجھ اظهار جي دامن ۾ گلهائي محبت گڏ ڪيا آهن. جن جي خوشبو اجتماعي سچائي جو مظهر آهي. جا هر دؤر ۾ پنهنجو اعادھ ڪري ٿي.
اديب شاعر هر معاشري جو اهڙو حيات پئمانو ٿيندا آهن جن جي وسيلي پوري قومي مزاج کي پرکيو ويندو آهي. اسانجي پاڪستاني ادب خاص طور سنڌي ادب کي مطالع ڪرڻ کانپوءِ اهو واضع طور محسوس ڪري سگجي ٿو ته اسانجا اديب ۽ شاعر مذهب کان بيگانه نه آهن. بلڪ اسانجي ادب خصوصن شاعري ۾ مذهبي رجحان اهڙي طرح نمانيا آهي جو ان کي قومي تشخص جو هڪ بنيادي ستون قرار ڏئي سگھجي ٿو، نعتيه ديوان بنام “سندي سڪ پرين” جو اعلان ته مون پنهنجي مجموعي “اکيون پسي آيون” ۾ ڪيو هو، پر جائي اها ڳالھ ته ان کان گھڻو اڳ جي آهي 1960ع ۾ ميلاد اڪبر جي تطبع تي ميلاد اڪرم لکي مرحوم سائين ميران محمد شاھ سابق اسپيڪر سنڌ اسمبلي جي حوالي ڪيم.جن وري اهو سائين اسد الله شاھ ٽکڙائي جن جي حوالي ڪيو. جو ڪجھ عرصي کان پوءِ شبير شاه هاتف جي هٿان ميلو جڏهن سائين اسدالله شاھ ڪلهوڙن جي قلعي تي رهندو هو. خدا جو فضل جو اڄ نعتيه ديوان جي شڪل ۾ ناظرين ڪرام جي خدمت ۾ پيش ڪري رهيو آهيان. اهو منهنجو پنهنجي عقيدت جي اظهار جو فڪري تسلسل آهي، حقيقت اها آهي ته رحمت العلمين صلى الله عليه وآله وسلم جي صدقي جنهن بنيادي اقتدار سان نوازيو ويو آهي اهي اڄ به سڄي انسانيت جي لاءِ ماخذ نور آهن اهائي روشني حضور پرنورﷺ جي توصيف مهل قلم مان نڪري ٿي. اظهار لاءِ اها روشني الفاظ ۽ رنگن ٻنهي صورتن ۾ جلوھ خيز آ.

[b]دنيا جا رنگ ۽ رونقون، تنهنجي ڪري يا مصطفىﷺ
باد صبا جون نگھتون، تنهنجي ڪري يا مصطفى ﷺ[/b]
مان انهن ساٿين جو نهايت ئي شڪر گذار آهيان جن منهنجي نعتيه ديوان تي ڪي ٻه اکر لکيا يا وري ڇپائي جي حوالي سان قيمتي مشورن سان نوازيو آهي، مان خاص طور قابل احترام ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مرحوم استاد حافظ محمد احسن چنه، مرحوم خادم حسين انڙ وڪيل، عبدلاقيوم صائب، ۽ ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو صاحب، حميد سنڌي صاحب، امداد حسيني صاحب، محترمه آپا سحر امداد صاحبه، پروانو ڀٽي صاحب، امير بخش وشال صاحب، منهنجي پياري پٽ حڪيم جنيد امام جوڻيجو منهنجي پياري نياڻي مسرت فاطمه جوڻيجو جا ٿورا مڃيان ٿو جن کان گھڻيون محبتون پڻ مليو اٿم.
مان نهايت ئي ٿورائتو آهيان محترم سڪندر علي ناريجو ۽ محترم عبدالله طالباڻي طاهري جو جن منهنجي هن ڪتاب ڇپائڻ ۾ مالي سهائتا پڻ ڪئي.

[b]اڪرم ٻورڙائي
الحفيظ دواخانه ڪوٽڙي[/b]