مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

ڪـر ڪـرم پـنهنجو خدارا، يا محمد مصطفى ﷺ

ڪـر ڪـرم پـنهنجو خدارا، يا محمد مصطفى ﷺ
بـي سـهـارن جـا سـهـارا، يـا مـحـمد مصطفىﷺ

ملڪ منهنجي جا هي مارو، تون سدا سرها ڪجانءِ
دؤر سـڀ ۾ ٿـيـا ڏکـارا، يـا مـحـمـد مـصـطفى ﷺ

ٿـي نگـھـاهـن ٻڏي، ٻـيڙي سـندم دل جي پئي
تـون پـسائيندين ڪـنارا، يا مـحمد مـصطـفىﷺ

شـان تنهنجو شهنشاهي، سادگي تنهنجي مگر
شـان قـدرت جـا ستارا، يـا مـحمد مـصطـفى ﷺ

تنـهنجـي در تـي قـافـلا، هـڪـڙا اچن ٻيا ٿا وڃن
سـي ڏسـان حـاجـي ڀـلارا، يـا محمد مصطفىﷺ

تنهنجـي چائنٺ کي چميو جنهن، بخت بالاانجا ٿيا
اي جـڏن جـا جـئَ جـيـارا، يـا مـحمد مصطفى ﷺ

روز شـب تـنهنجـي ثنا، سانگي سچا ٿا ڪن پيا
آڻ تـن ۾ تـون سـڪـارا، يـا مـحـمـد مصطفى ﷺ

ڪـر عـطـا مـون تـي سـدا، تون يانبي خيرالورى
ٽـوڙي غم جا سنگ خـارا، يـا محمد مصطفى ﷺ