مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

سـهـڻـا سـڄــڻ ســردار مـدنـي

سـهـڻـا سـڄــڻ ســردار مـدنـي
مـٺـڙا مـٺـا مـنـٺـار مـدنـي

احـسـان تـي احـسـان تـنـهنجـا
مـون تـي ٿـيـا صـد بـار مـدنـي

ذڪــر نـبي ﷺ ذڪــر خــدا آ
مـون چـيـو صـد بــار مـدنــي

گـنـبـذ مـٿـان هــي نـور نـوري
تـنـهـنـجـا ڏٺـم انـوار مـدنـي

دلـداري و تـسـڪـيـن دل کـي
تـنـهنـجـي کـپـي دلـدار مـدنـي

اڪـرم ڪـري ٿـو الـتـجـائـون
مـونـکـي سـڏيـو هـڪـوار مـدنـي