مذهب

سندي سِڪ پرين (نعتيہ ديوان)

سنڌ ۾ حب رسولﷺ جي گھرائي سبب نعت گوئي عام رهي آهي انهئَ ۾ قادر ڪلام شاعرن به حصو ورتو آهي ته عشاق رسول صلى الله عليه وآله وسلم جي بي ساخته طبع آزمائي به شامل رهي آهي. حڪيم دين محمد اڪرم ٻورڙائي جو زيرنظر نعتيه ڪلام جو مجموعو انهن ٻنهي خوبين سان آراسته آهي، هر نعت جو وزن ڄاڻائي، موزون شاعريءَ جو حق ادا ڪيو اٿس، ٻئي طرف بي ساختگي جوش محبت ۽ اظهار حسنِ مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم ۾ عرب نعت گو شاعرن جون سڪون لاهي ٿو.
Title Cover of book سندي سِڪ پرين  (نعتيہ ديوان)

ذڪــر نـبـي مـصطـفـىﷺ ٿـيـو عـالـم هـو هـو اندر

ذڪــر نـبـي مـصطـفـىﷺ ٿـيـو عـالـم هـو هـو اندر
راز آهــي راز ڇــا ٿــيـو عــالــمِ هــو هـو انــدر

مـسـرور مـاڻـهـون ٿـي ويـا جـو عـالـم هـو هـو اندر
مـحـبـوب آيـو مـجـتـبـىﷺ ٿـيـو عالمِ هو هو اندر

حـق جـو اهو پـيـغـام آ ذڪـر نـبـيﷺ ذڪـرخـدا
ذڪـر نـبـيﷺ خـيـرالـورا ٿـيـو عـالـمِ هـو هو اندر

نـور نـبـي ﷺ نـور خـدا نـاهـي جـدا ڄـاڻـي خـدا
مـحـبوب جـو انـداز ڇـا ٿـيـو عـالـمِ هـو هـو انـدر

رب پـاڪ هردم پاڻ ٿو تعريف مرسل جي ڪري
شـان نـبيﷺ شـانِ خـدا ٿـيـو عـالـمِ هـو هـو اندر

رونق جھان جي مصظفىﷺزينت جھان جي مصظفىﷺ
مـحـبوب جـو نـاز و ادا ٿـيـو عـالـم هـو هـو انـدر

اکـڙيون به اڄ مـرڪي پيون آمد سان مدني مير جي
ومـهـه لـقـا وجـھه لـقـا ٿـيـو عـالـمِ هـو هـو انـدر

بادل وريـا بـارش پـئي رحمت وسي پئي نور جي
ٿـڌڪـار ۾ ٿـي دل صـفـا ٿـيـو عـالـمِ هـو هـو انـدر

قـرآن آهـي شـان ۾ اڪــرم لـٿـو مـحـبـوب جـي
ذڪـر نـبي مـصـطـفـىﷺٿـيـو عـالـمِ هـو هـو انـدر